ڀچر ڀٽون

ڀچر ڀٽون: ھڪ قسم جي ٻوٽي جي پاڙ، جيڪا پسارڪي وکر طور دوائن ۾ ڪم ايندي آھي. هن کي فارسيءَ ۾ مهره ڪبود، هنديءَ ۾ ڪشيڪار ۽ لاطينيءَ ۾ Marynia Annua چئبو آهي. هن جو تعلق Martyniaceae آڪهه سان آهي.
سڃاڻپ: هيءَ ڀٽونءَ جي ڏنگ وانگر گرهدار ڪاري رنگ جي پاڙ ٿئي ٿي. انتهائي سخت ۽ عجيب شڪل جي آهي. پنسارين وٽ آسانيءَ سان ملي وڃي ٿي. پراڻي زماني ۾ گيتلن ۾ لڳائي ويندي هئي. جنهن سان اهي جوتا چيچٽ يا آواز ڪندا هئا. هي پسارڪو وکر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو